حضرت امام مهدي عليه السلام
![]() |
| imam mehdi |
تمام تر مختصر ۽ جامع معلومات سنڌيءَ ۾ ظھور کان حڪومت خلافت ۽ وفات تائين *امام مھدي* جي متعلق اھسنت ۽ اھل تشيع عقائد مستند تاريخ حوالن سان گڏ انٽرنيٽ جي دنيا ۾ سولي سنڌيءَ ۾ اھڙي مڪمل معلومات نظر کان نه گزري آھي ان ڪري دوستن کي گزارش آهي ته پاڻ به پڙھن ۽ دوستن احبابن کي به دعوت ڏين
*نالو مبارڪ محمد بن عبدالله حسني*
حسيني سادات
لقب *مھدي*
ڪنت ابو القاسم
ياد رهي ته امام مھدي عليه السلام جو نالو مھدي نه بلڪ لقب آھي
صحيح ابن حبان جي ڪتاب التاريخ جي حديث نمبر 6950 ۾ لکيل آهي ته سندن نالو مبارڪ محمد يا احمد ھوندو لقب مھدي ھوندو.
اھلسنت جي مطابق امام مھدي حضرت علي عليه السلام جي پٽ حضرت امام حسن المجتبيٰ جي نسب مان ھوندا جنھن جو ذڪر ابو دائود شريف جي حديث نمبر 4285 ۾ ھن ريت ٿيل آهي مفھوم ھڪ ڏينھن حضرت علي ڪرم الله وجهه الڪريم سندن پٽ امام حسن المجتبيٰ ڏانھن نھاري ۽ فرمائڻ لڳا مون رسول الله صلي الله عليه السلام کان ٻڌو ته حسن جي باري ۾فرمايائون ته ھي ته ھي سردار آھي عنقريب ھن جي پشت مان ھڪ جوان پيدا ٿيندو جنھن جو نالو منھنجي نالي تي ھوندو سندن اوصاف اسان سان مشابه ھوندا ۽ زمين کي عدل ۽ انصاف سان ڀري ڇڏيندو.
علامه سيد برزنجني لکيو آھي ته امام مھدي والد جي طرف کان حسني ۽ والده جي طرف کا حسيني سادات ھوندا سندن والده جو نالو به تاريخ دانن صحيح روايت سان ذڪر نه ڪيو آھي پر بعض عالمن سندن والده جو نالو به حضور صلي الله عليه وسلم جي والده سان جوڙيو آھي ته سندن والده جو نالو به آمنه ھوندو.
ابو دائود شريف جي حديث 4284 ۾ آھي ته امام مھدي فاطمه رضي الله عنها جي اولاد مان ھوندا
وصف مبارڪ
ڪجھ محدثن لکيو آهي سندن رنگ گندمي يعني ڪڻڪ رنگو وڻندڙ ھوندو جسم سنھو سڊول قد درميانو پيشاني ڪشادي اکيون سرميدار اکين ۾ سفيدي چمڪندڙ ڏند جدا جدا ساڄي رخسار (ڳل) تي تر چھرو روشن ڏاڙھي مبارڪ گھاٽي کليل ھٿ زبان ۾ ٿورڙي ھٻڪ ھوندن ظھور جي وقت سندن عمر 40سال ھوندي.
اشاعتہ الاشراط الساعتہ
۾ حضرت علي رضه الله عنہ کان ڪنھن امام مھدي جو حليو مبارڪ پڇيو ته پاڻ فرمايائون ته سندن جواني وڻندڙ ھوندي.
ابو دائود شريف جي ھڪ حديث ۾ آهي ته رسول الله صلي الله عليه وسلم فرمايو مھدي منھنجي اولاد مان ھوندو روشن چھري وارو ڪشادي پيشانيءَ وارو شاندار نڪ وارو ۽ زمين کي انصاف سان ڀرڻ وارو ھوندو.
*اھلسنت جو عقيدو*
اھلسنت عالمن جو چوڻ آهي ته امام مھدي قرب قيامت ۾ مديني پاڪ ۾ پيدا ٿيندا ۽ سندن عمر مبارڪ 49 ورھيہ ٿيندي 40سالن جي عمر ۾ مسلمان سندن مقام ابراھيم وٽ حج جي دوران بيعت ڪندا سڀ کان پهرين ان وقت جا 40 ابدال سندن سڃاڻپ ڪندا سندن ڪنيت ابوالقاسم ھوندي خداداد صلاحيتن سان سرشار ھوندا 7سال حڪومت ڪندا ۽ 2سال حضرت عيسي عليه السلام جي نيابت ۾ رھندا اھڙا ڪارنام ٿوري وقت ۾ ڪري ڏيکاريندا جيڪي مسلمان حاڪم صدين ۾ نه ڪري سگھيا ھوندا حضرت عيسي عليه السلام جي نيابت ۾ ڪافرن ۽ مشرڪن سان جنگيون وڙھندا ڪجھ روايتن موجب امام مھدي مشرق مان ظاھر ٿيندا ۽ بعد ۾ حج دوران سندن ذڪر عالم ۾ ڦھلجي ويندو 49 ورھين جي عمر ۾ سندن وفات ٿيندي
( *ثم يموت و يصلي عليه المسلمون* )
مسلمان سندن جنازي جي نماز پڙھندا سندن تدفين بيت المقدس ۾ ٿيندي.
*اھل تشيع عقيدو*
شيعا عالمن جو اھلسنت جي ڪجھ روايتن سان اتفاق ضرور آهي پر ھڪ فرق اھو ضرور آهي ته شيعا عقيدن جي موجب امام مھدي غيبت ڪبري ۾ آھن يعني ھڪ الله جي حڪم سان لڪل آھن قرب قيامت ۾ ظاھر ٿيندا سندن عمر مبارڪ حضرت خضر ۽ حضرت عيسي عليه السلام وانگر وڏي آھي ۽ ھو امام حسن بن علي عسڪري جا شھزادا آھن قرب قيامت ۾ سندن ظھور ٿيندو
*قرب قيامت ۾ ظھور جو دليل*
جامع ترمذي جلد 2 صفحي 86 تي ھڪ روايت موجود آهي رسول الله صلي الله عليه وسلم ارشاد فرمايو اگر دنيا جي عمر ختم ٿي وئي ۽ قيامت ۾ فقط هڪ ڏينھن باقي بچيو ته الله تعالي ان کي ايترو ته طُول ڏيندو جو ان ۾ منھنجي اولاد مان ھڪ جوان ايندو جيڪو بادشاھ ٿيندو جيڪو منھنجو ھم نام ۽ ھم وصف ھوندو ۽ روء زمين کي انصاف سان ڀري ڇڏيندو جھڙي طرح ظلم ۽ زور سان ڀريل ھوندي.
جامع ترمذي ۽ ابو دائود شريف جي حديث ۾ آهي حضرت عبدالله بن مسعود رضي الله عنه کان روايت آهي ته رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم ارشاد فرمايو دنيا ان وقت تائين فنا نه ٿيندي جيستائين عربن تي ھڪ اھڙو شخص مسلط نه ٿئي جيڪو منھنجي اولاد مان ھوندو.
*امام مھدي جي بيعت*
ابو دائود شريف جي حديث ۾ آهي ته ام سلمه رضه الله عنها فرمائن ٿيون رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم ارشاد فرمايو ته عرب ۾ ھڪ بادشاھ جي مرڻ کان پوءِ اختلاف پيدا ٿيندو پوء ھڪ شخص مديني کان نڪرندو ۽ مڪي جو رخ ڪندو مڪي جا ماڻھو ان وٽ ايندا ۽ کيس مقام ابراھيم ۽ حجر اسود وٽ پھچائي سندس بيعت ڪندا مگر ھو انھن مان ناخوش ھوندو پوء شام جي طرف کان ان جي مقابلي لاءِ ھڪ لشڪر روانو ڪيو ويندو جنهن کي الله تعالي مقام بيداء وٽ زمين بوس ڪرائي ڇڏيندو جڏھن ماڻھن کي ان واقعي جي خبر پوندي ته شام جا قطب ۽ ابدال ۽ عراق جا ماڻھو اچي سندس خدمت ۾ حاضر ٿيندا ۽ بيعت ڪندا.(اھي شخص محمد بن عبدالله امام مھدي عليه السلام) ھوندا.
بعض تاريخ دانن لکيو آهي ته مڪي پاڪ ۾ رڪن يماني ۽ مقام ابراھيم وٽ محرم جي ڏھين رات تي دوران طواف سندن بيعت ڪئي ويندي ۽ بيعت ڪندڙ *313* ماڻھو ھوندا جن ۾ ڪتب ۽ ابدال به ھوندا جيڪي سندن سڃاڻپ به ڪندا ۽ ان ئي سال بيعت کان پهرين رمضان ۾ چنڊ گرهڻ ۽ سج گرهڻ لڳندي ۽ آسمان مان آواز ايندو
( *ھذا خليفة الله المھدي فاستمعو اليہ وا طيعو* )
ھي الله جو خليفو مھدي آھي ھن جي ٻڌو ۽ سندس اطاعت ڪيو ان وقت سندن عمر مبارڪ 40سال يا 20سال ھوندي .
واللہ اعلم بالصواب
*حضرت امام مھدي عليه السلام کي امام ۽ مھدي سڏڻ جي وجه*
لغت ۾ امام جي معني آهي پيشوا اڳواڻ ان جي انگريزي اصطلاح ليڊر آھي حضرت راغب اصفهاني فرمائن ٿا امام ان کي چيو ويندو آهي جنھن جي قول ۽ فعل جي اقتدا يعني پيروي ڪئي وڃي ان جو جمع آئمه آھي
قرآن مجيد ۾ سورہ القصص جي آيت نمبر 5 ۾ آھي مفھوم. پوءِ اسان چاھيو تہ انھن مٿان ڪرم ڪيون جن کي زمين ۾ ڪمزور ڪيو ويو آھي اسان کين ھڪ پيشوا ذريعي زمين جو وارث بڻايون.
ھن آيت جي تشريح ۾ بعض مفسرن لکيو آھي ته ان ۾ لفظ ائمتہ مان مراد امام مھدي آھي ڇو ته ان وقت مسلمانن جي حالت انتھائي ڪمزور ھوندي ان ڪري الله تعالي امام مھدي عليه السلام جي ذريعي کين طاقت قوت اقتدار ۽ تمام رحمتون بخشيندو جن جي ھو لائق ھوندا واللہ اعلم.
صحيح مسلم شريف جي ھڪ حديث ۾ آهي رسول الله صلي الله عليه وسلم ارشاد فرمايو ان وقت توھان جو حال ڇا ھوندو جنھن وقت عيسي ابن مريم توھان ۾ نازل ٿيندا ۽ توهان جو امام يعني (امام مھدي عليه السلام) توهان ۾ موجود ھوندو.
ان کان علاوه ھڪ وجه اھا به بيان ڪئي وئي آهي ته ديني فقھي شرعي ۽ ديگر علومن تي الله تعالي کين پنھنجي عطا سان مھارت عطا فرمائيندو ان ڪري کين امام سڏيو ويندو
ڪن بزرگن لکيو آھي ته اولاد علي ۽ فاطمه جي نسب جي ڪري کين امام سڏيو ويندو.
*امام مھدي عليه السلام جي ظھور جون علامتون*
*عام علامتون*
- امام مھدي جي ظھور کان پهرين ڪيتريون ئي علامتون يعني نشانيون تاريخ دانن ۽ مفسرن لکيون آهن جن ۾
- ھر طرف افراتفري
- اختلاافات جي ڀرمار چاھي ديني ھجي يا سياسي
- جنگين جي ڪثرت
- وڏي پيماني تي موت
- قتل و گارت گيري
- خوف ۽ حراس
- آفتن جي ڪثرت
- ھڪ فتني کان پوءِ ٻيو ان کان وڏو جنم وٺندو.
*خصوصي وڏيون علامتون*
رمضان مبارڪ ۾ ٻه ڀيرا چنڊ گرهڻ.
رمضان مبارڪ ۾ چنڊ گرهڻ ۽ سج گرهڻ امام باقر عليه رحمہ فرمائن ٿا رمضان جي پهرين چنڊ گرهڻ ۽ پندرهين سج گرهڻ لڳندي. ماھر فلڪيات جي مطابق ھي قانون جي خلاف آهن يعني علم فلڪيات جي مطابق چنڊ گرهڻ مھيني جي وچ ۾ ۽ سج گرهڻ مھيني جي آخر ۾ ٿيندي آھي اھو ئي ان جو قانون آهي پر امام مھدي جي ظھور جي ھيءَ ھڪ وڏي نشاني آھي جنھن تي اسان جو ايمان آڻڻ ضروري آھي نڪي فلڪيات جي ماھرن تي ايمان رکڻ.
ميدان مني ۾ خانه جنگي
نھر فرات مان سون جو پھاڙ برآمد ٿيڻ.
سفياني فتني جو نڪرڻ
حارث حراث ۽ منصور جو ظھور جن جي مدد مسلمانن تي واجب ھوندي
مقام بيداء کان لشڪر جو نڪرڻ
مشرق جي طرف کان پڇ وارو ستارو ظاھر ٿيڻ
خراسان مان لشڪر جي آمد
دمشق جي مشرق ۾ زمين ھڪ سھي سلامت واديءَ کي ڳھي ويندي.
رمضان مبارڪ ۾ ھڪ اھڙو زرودار آواز جنھن جي دھشت سان ستل جاڳي پوندا ۽ ڏڪڻ لڪندا.
امام مھدي جي ظھور کان پهرين حرج الڪندي عقبہ ۽ اشعب نالي ماڻھن جو نڪرڻ.
*امام مھدي جي ظھور جون برڪتون*
خوشحالي
بارشن جي ڪثرت مگر وقت سر ضرورت موجب
زمين جي پيداوار ۾ اضافو زمين جان خزانا ظاھر مال جي ڪثرت غربت جو خاتمو ظلم ۽ ستم گريءَ جو خاتمو قتل و گارت گيري جي بندش ھڪ جھڙا ھر انسان خوشحال جانورن جون خوشيون زمين ۾ خزانن جو ڪثرت سان ظاهر ٿيڻ پھل فروٽن جي ڪثرت اسلام جو غلبو ڪفارن جو ڪال دنيا ۽ عالم ۾ امن امان جي فضا صاف ۽ شفاف ھڪ ئي اسلامي حڪومت ساڙ ۽ حسد جو خاتمو ھر فرد صاحب سروت ايتري قدر جو ماڻھو مال کڻي ندائون ڪندا پر سواء سؤ مان ھڪ جي ڪير به وٺڻ لاءِ حامي نه ڀريندو.
*امام مھدي جي سخاوت*
صحيح مسلم شريف ۾ حضرت ابو سعيد خدري کان روايت آهي ته رسول الله صلي الله عليه وسلم ارشاد فرمايو ته آخري زماني ۾ منھنجي خاندان مان ھڪ خليفو ٿيندو جيڪو بغير ڳڻپ جي ماڻھن کي مال عطا ڪندو.
مسند احمد ۾ ابو سعيد خدري جي روايت ھن ريت آھي ته منادي اعلان ڪندو ته آھي ڪو ضرورت مند جنھن کي مال گھرجي فقط هڪ شخص چوندو مونکي مال گھرجي انکي چيو ويندو بيت المال وڃي امام مھدي جي نالي تي وٺي ان مان وٺي اچي کيس جيڪو مال گھرجي ھو شخص ويندو ۽ پنھنجي ضرورت جيترو مال کڻي ايندو رستي تي کيس احساس ٿيندو ته امت ۾ مونکان وڏيڪ ڪو حريص شخص نه ھوندو ھو مال واپس ڪرڻ چاھيندو مگر امام مھدي کيس فرمائيندا ته اسان جنھن کي ھڪ ڀيرو عطا ڪيون ته ورائي نه وٺندا آھيون.
جامع ترمذي شريف روايت آهي ته ھڪ شخص امام مھدي وٽ ايندو ۽ چوندو مونکي مال ڏيو مونکي مال ڏيو ھو جھول جھليندو ۽ امام کيس ايترو عطا ڪندا جو سندس جھول ڀرجي ويندو.
امام مھدي جي وفات 7سال حڪومت ۽ خلافت کان پوءِ 2سال حضرت عيسي عليه السلام جي نيابت ۾ رھندا بعد ۾ سندن وصال ٿيندو حضرت عيسي سندن جنازي نماز پڙهائيندا ۽ پنھنجي ھٿن سان کين بيت المقدس ۾ دفن فرمائيندا.
*واللہ اعلم بالصواب*
محترم پڙھندڙ کي گزارش آهي ته ھن آرٽيڪل ۾ امام مھدي عليه السلام جي پيدائش يا ظھور کان وفات تائين جو مختصر ذڪر ڪيو ويو آھي ھڪ ئي آرٽيڪل ۾ تمام علامتن جي وضاحت تمام حديثون لفظ بلفظ نقل ڪرڻ ۽ ظھور کان پھريان ۽ پوء جا واقعات تفصيل سان لکڻ ممڪن نه ھئا ان ڪري مختصر ڪري سولي سنڌيءَ ۾ جامع معلومات اوھان سڀني تائين پھچائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي الله تعالي جي در اميد مضبوط آھي ته ھو منھنجي ھن ڪوشش کي قبول فرمائيندو ۽ پڙھندڙن لاءِ نفعي وارو بڻائيندو آمين يارب العالمين بجاہ النبي الڪريم دعائن جو طلبگار
*سيد عامر قادري*


0 تبصرے