دجال جا چار سوال Dajjal Ja Char Sawal

دجال جا چار سوال

 Dajjal Ja Char Sawal
dajaal


السلام عليڪم ڪجھ ڏينھن کا ھڪ وڊيو وائرل آھي ھڪ اک واري ٻار جي جنھن متعلق مشھور ڪيو ويو آھي تہ دجال آھي دجال پيدا ٿي چڪو آهي ۽ عنقريب حضرات امام مھدي جو نزول ٿي رھيو آھي سڀ کان پهرين ھڪ ڳالھ ياد رکو ته دجال ھڪ مرد آھي نڪي ڪو ٻار ۽ ھو پيدا ٿي چڪو آهي صحيح حديث ۾ ان جي وضاحت ٿي چڪي آھي نمبر ٻه ته دجال جي خروج جي خبر روء زمين تي باھ کان بلڪه ھوا کان به تيزي سان پکڙجي ويندي نمبر ٽي تہ دجال ھڪ اک وارو نه بلڪ ٻنھي اکين وارو ھوندو مگر سندس ٻئي اکيون عيبدار ھونديون  ھڪ اک کان ڪاڻو ۽ ھڪ اک انگور جي داڻي وانگر اڀريل ھوندس حديث پاڪ جي مطابق دجال بحر ھند جي ڪنھن جزيري ۾ قيد آھي جنھن کي الله تعالي ماڻھن جي اکين کان اوجهل ڪري ڇڏيو آھي ليڪن ھڪ صحابي ۽ سندن ساٿين جي دجال سان ملاقات جو ذڪر پڻ ملي ٿو جيڪا حديث سولن لفظن لکڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم جيئن گھٽ پڙھيل ماڻھو بہ آسانيءَ سان پڙھي ۽ سمجھي سگھي باقي خروج دجال نزول عيسي ۽ نزول مھدي عليه السلام متعلق وضاحت سان سولي سنڌي ۾ تذڪرو ايندڙ پوسٽ ۾ ڪيو ويندو

          ( دجال سان ملاقات واري حديث)

DOWNLOAD THIS HADIS IN FOUR LANGUAGES ENGLISH URDO ARABIC AND SINDHI
CLICK



شعب ھمدان سان تعلق رکندڙ ھڪ شخص ضحاڪ بن قيس رضي الله عنہ جي ڀيڻ حضرت فاطمہ بنت قیس کان سوال ڪيو ته توهان شروعاتي مھاجرن مان آھيو ڪا اھڙي حديث ٻڌايو جيڪا سڌو سنئون اوھان رسول الله صلي الله عليه وسلم کان ٻڌي ھجي بنا واسطي جي حضرت فاطمه بنت قيس رضي الله عنھا فرمايو منھنجو پهريون نکاح قريش جي ھڪ خوبصورت نوجوان ابن مغيرہ سان ٿيو ھو مگر ھو رسول الله صلي الله عليه وسلم سان پھرين ئي جھاد ۾ شھيد ٿي ويو ھو ۽ مان بيواہ ٿي ويس ڪجھ ڏينھن کان پوءِعبدالرحمان ابن عوف رضي الله عنہ رسول الله صلي الله عليه وسلم جي ڪجھ صحابن سان گڏ مون ڏانهن نکاح جو پيغام موڪليو ھوڏانھن رسول الله صلي الله عليه وسلم به اسامه بن زيد لاءِ نکاح جو پيغام موڪليو ۽ مون رسول الله صلي الله عليه وسلم کان ھيءَ حديث ٻڌي ھئي ته جيڪو شخص مون سان محبت رکي ان کي گھرجي ته اسامه سان به محبت رکي ان ڪري مون پنهنجي نکاح جو اختيار رسول الله صلي الله عليه وسلم کي ڏيئي ڇڏيو رسول خدا فرمايو تون ام شريڪ جي گھر ھلي وڃ ام شريڪ انصارن جي سخي عورت آھي الله جي راھ ۾ خرچ ڪرڻ واري آھي.

 ان وٽ مھمان ايندا رھندا آھن مون عرض ڪيو ٺيڪ آھي يارسول الله صلي الله عليه وسلم مان ام شريڪ جي گھر ڏانھن ھلي ٿي وڃان وري رسول الله صلي الله عليه وسلم فرمايو تون ام شريڪ جي گھر نه بلڪه پنهنجي چاچي عبدالله بن عمرو ابن اممڪتوم ڏانھن ھلي وڃ ڇوته ام شريڪ جي گھر مھمان گھڻا ايندا آهن ۽ بي پردگيء جو خدشو آھي ٿي سگھي ٿو ته توکي ناگوار گذري انڪري مان عبدالله جي گھر ڏانھن ھلي آيس جڏھن منھنجو عدت پورو ٿيو ته مون ھڪ اعلان ٻڌو اعلان ڏيڻ وارو چئي رهيو ھو رسول الله صلي الله عليه وسلم جو فرمان آهي سڀ نماز لاءِ گڏ ٿي وڃو سڀ مسجد ڏانھن ڊوڙڻ لڳا مان به مسجد ڏانھن رواني ٿي ويس رسول الله صلي الله عليه وسلم سان گڏ نماز ادا ڪئي ان وقت مان عورتن جي صف ۾ ھيس جيڪا مردن جي صف جي پويان ھئي نماز پڙھڻ کان پوءِرسول الله صلي الله عليه وسلم ممنبر ٿي چڙھيا ۽ مون ڏٺو سندن چھري مبارڪ تي مٺڙي مسڪراهٽ ھئي پاڻ فرمايائون ھر ڪو پنھنجي نماز واري جاءِ تي ويھي رھي ڇا توهان کي خبر آهي ته مون توهان کي ڇو جمع ڪيو آھي.

 سڀني چيو الله ۽ ان جو رسول بھتر خبر رکندڙ آھن پاڻ فرمايائون الله جو قسم مون توھان کي خوش ڪرڻ يا ڊيڄارڻ لاء جمع ناھي ڪيو مگر ھڪ خبر ڏيڻ لاءِ جمع ڪيو آھي ته تميم داري اسلام کان پهريان ھڪ نصراني ھيو ان اچي اسان جي بيعت ڪئي ۽ ھڪ خبر ڏني جيڪا ان ڳالھين سان موافقت رکندڙ ھئي جيڪي مون توھان کي دجال جي متعلق ٻڌايون آهن تميم داري بيان ڪيو ته اسان بحري ٻيڙي تي قبيلي لخم ۽ جذام جي ٽيھ ماڻھن سان گڏ  سوار ٿياسين سامونڊي ھوائن ۽ طوفاني لھرن اسان سان پورو مھينو راند ڪئي بالآخر لھندڙ سج سان گڏ اولھ طرف ھڪ جزيري جي ڪناري اچي پھتاسين ٻيڙي تان ننڍا پلوار لاھي ۽ جزيري ۾ داخل ٿي وياسين جزيري ۾ ھڪ جانور مليو جيڪو پڇ ٿلھو ۽ وارن سان پرڀور ھيو وارن جي ڪثرت سبب ان جي اڳ ۽ پٺ جي خبر نه پئجي رھي ھئي اسان ان کان پڇيو ته بدبخت تون ڪير آھين ان چيو ته مان جساسہ يعني جاسوس آھيان ان مرد ڏانھن ھلو جيڪو توھان جي خبر جو مشتاق آھي اسان ان کان ڊناسين پئي ته ڪٿي جن ڀڀوت نه ھجي تڪڙا تڪڙا قدم کڻندي اڳتي وڌياسين.

 ڏٺوسين وڏي قد وارو ڀاري جسامت وارو شخص جنھن جون ٻانھون ڪنڌ سان ٻڌل ھيون پورو وجود زنجيرن سان جڪڙيل ھيو پڇڻ لڳو مونکي بيسان جي باغ جو احوال ٻڌايو ڇا ان ۾ ميوات ٿيندي آھي اسان چيو ته بلکل ميوات لھندي آھي چيائين عنقريب اھو باغ ميوات ڏيڻ ڇڏي ويندو ان کان پوءِ پڇيائين ته طبرستان جي درياء جو احوال ٻڌايو  اسان چيو ان جو ڪھڙو احوال ٿو پڇين چيائين ڇا ان ۾ پاڻي آھي اسان چيو ھا ان ۾ ڪافي پاڻي موجود آهي چيائين عنقريب ان جو پاڻي ختم ٿي ويندو ان کان پوء پڇيائين ته ذغر جي چشمي جو احوال ٻڌايو ڇا ان سان ماڻهو ٻنيون سيراب ڪن ٿا چيوسين ھا اتان جا ماڻهو ان چشمي جي پاڻيءَ تي ٻنيون سيراب ڪندا آهن ان کان پوءِ پڇيائين ته عرب جي امي نبيءَ جو احوال ٻڌايو اسان چيو ته ھو مڪي کان ھجرت ڪري مديني ڏانهن روانہ ٿي ويا آھن ان وراڻيو ڇا عرب جا ماڻهو انھن سان وڙھيا آھن يعني جنگ ڪئي اٿن اسان چيو ته ھا ۽ ھو عرب تي غالب ٿي ويا آھن ارد گرد جي عربن انھن جي اطاعت ڪئي آھي ان تي ان شخص چيو ته ان ۾ ئي عربن جي ڀلائي آھي ته امي نبيءَ جي فرمانبرداري ڪن.

           ھاڻي اچو ته توھان کي ٻڌايان ته مان ڪيرآهيان

مان (مسيح الدجال) آھيان جلد ئي مونکي خروج جي اجازت ملي ويندي بس مان نڪرندس ۽ سير ڪندس پوري روء زمين تي گھمندس چاليھ راتين ۾ مگر سواء مڪي ۽ طيبه  جي اوڏانھن وڃڻ منھنجي لاءِ حرام آھي جڏھن ٻنھي بستين مان ڪنھن ھڪ ۾ وڃڻ جي ڪوشش ڪندس ته اتي محافظ فرشته تلوار کنيو بيٺا ھوندا جيڪي مونکي داخل ٿيڻ کان روڪي ڇڏيندا حضرت فاطمه بنت قيس رضي الله عنہ فرمائن ٿيون پوءِ مديني واري سائينءَ ممنبر تي پنهنجي عصاء ھنئي ۽ ارشاد فرمايائون ھيءَ طيبه آھي ھيءَ طيبه آھي ھيءَ طيبه آھي ( يعني مدينو شريف) خبردار رھو ڇا مون توھان کي ان جي متعلق خبر نه ڏني آھي خبردار رھو دجال شام يا يمن جي سامونڊي جزيري ۾ نه آھي  بلڪه  ھو اوڀر ۾ آھي يعني بحر ھند جي ڪنھن جزيري ۾ .


واللہ تعالي اعلم و رسولہ اعلم

ياد رھي ھي حديث مسلم شريف جي حديث آھي باب ڪتاب الفتنہ ۾ موجود آهي
آخر ۾ دعا آهي ته الله تعالي پنھنجي حبيب جي صدقي اسان کي اسان جي آل اولاد کي ۽ تمام مسلمانن کي دجال جي فتني شيطان جي شر کان محفوظ فرمائي آمين يا رب العالمين بجاہ النبي الڪريم


ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے