اٺ الله تعالي جي نشانين مان ھڪ نشاني منفرد ۽ معلومات سان ڀرپور آرٽيڪل

 اٺ الله تعالي جي نشانين مان ھڪ نشاني منفرد ۽ معلومات

الله جي عجب ۾ وجهندڙ مخلوق اُٺ
اُٺ اونٹ Camel

السلام عليڪم دوستو ھيءَھڪ منفرد پوسٽ آھي 

اندازي مطابق اسي فيصد ماڻھن کي اھڙي قسم جي معلومات نه هوندي آهي اچو ته حاصل ڪيون ڪجھ ناياب معلومات الله تعالي زمين تي ڪيترا ئي جاندار پيدا فرمايا آهن پر اُٺ ھڪ اھڙو جاندار آهي جنھن جو مثال شايد ٻيو ڪو به نه ھجي ڇو ته ھن جانور جو الله تعالي خصوصيت سان پنهنجي پاڪ ڪلام جي اندر ذڪر ڪيو آهي پنھنجي نشانيءَ جي طور اھو جانور اُٺ آھي عربيءَ ۾ اُٺ کي الابل چيو وڃي ٿو ۽ حديث جي ڪتابن مان به معلومات ملي ٿي ته ستر کان مٿي انبياءِ ڪرام اُٺ جي سواري ڪئي آهي اسان جي پياري پيغمبر محمد مصطفي صلي الله عليه وسلم به ان کي سواري جي شرف سان نوازيو آهي ۽ صحابه ڪرام تابعين طبع طابعين اولياء الله پڻ ھن جانور جي سواري ڪئي آهي دنيا ۾ ھن وقت ھڪ اندازي موجب ھڪ ڪروڙ چاليھ لک اُٺ موجود آھن ھن جون ڪافي جنسون موجود آھن پر عربي اُٺ ھڪ ناياب نسل آھي جنھن کي سرخ اُٺ پڻ سڏيو ويندو آھي ماھرن جي موجب جيءُ ھڪ وفاداريءَ جي جذبي سان سرشار جانور آهي ۽ الله تعالي ھن جانور کي انتهائي طاقتور پيدا فرمايو آهي ھڪ اندازي مطابق اُٺ پنهنجي وزن کان ڏھوڻو وزن کڻڻ جي طاقت رکي ٿو اُٺ ۾ صبر ۽ تحمل جو مادو ٻين جانورن جي مقابلي ۾ وڌيڪ ھوندو آھي ھڪ تحقيق جي مطابق اُٺ ڏھ ڏينهن اڃ تي گزاري سگهي ٿو الله تعالي ھن کي ھضم ڪرڻ جي طاقت به ٻين جانورن کان وڌيڪ عطا ڪئي آهي جيڪي ڪنڊن وارا ٻُواڙا يا وڻ ٻيا جانور کائي نه سگھندا آهن ھي آھي آرام سان کائي ھضم ڪري ويندو آهي ماھرن جو چوڻ آهي ته اُٺ سال ۾هڪ دفعو ميلاپ ڪندو آهي ۽ ميلاپ دوران ڪيترائي ڀيرا انزال ڪندو آهي جنھن سبب ڪمزوري محسوس ڪندو آهي  اُٺَ جي ماده يعني ڏاچِي ٽن سالن ۾  ھڪ ٻچو ڏيندي آهي ان ڪري ان کي حقه واري به سڏبو آھي يعني ٽن سالن جي ٻچي واري  اُٺَ کي خشڪيءَ جو جھاز به سڏيو ويندو آهي ان جو ھڪ سبب مفسرن اھو به لکيو آهي ته ھڪ ساز و سامان کڻي ڏورانهين علائقن تائين آرام سان پنهنجي منزل تي پهچي ويندو آهي ان جو اشارو قرآن مجيد جي ھڪ آيت ۾ پڻ ٿيل آهي
ترجمو ۽ مفھوم ۽ ان تي (يعني اٺن)تي ٻيڙن تي رکي گھمندا آھيو اُٺ تمام غيرت وارو جانور سمجھو ويندو آھي جنھن خاص سبب آھيو آهي ته ھُو پهنجي ماءُ مٿان ھرگز نه چڙهندو آهي صاحب منطق واري لکيو آھي عرب شريف ۾ جاھليت واري دور ۾ هڪ شخص ڏاچِيَ کي ڪپڙي سان ڍڪي سندس نوجوان ٻچي کي ميلاپ ڪرڻ لاءِ مٿان چاڙھيو جڏھن ان نوجوان اُٺ کي خبر پيئي ته ان شخص سندس ماءُ مٿان کيس چاڙھيو آهي ته ان غيرت جو مظاهرو ڪندي پنهنجي نفس کي چڪ ھڻي پاڻ کي ناڪاره ڪري ڇڏيو ۽ ڪجھ وقت کان پوءِ موقعو ڏسي ان شخص کي به قبر ڀيڙو ڪيائين ان کانپوءِ پاڻ کي به ھڪ ھڪ کوھ ۾ اڇلي جان ڏنائين ماھرن جو چوڻ آهي ته اُٺ بغض ۽ ساڙ جي جذبي سان به ڀرپور ھوندو آھي ۽ وقت اچڻ تي دشمني به ڪندو آهي۽ بدلو به وٺندو آهي حضرت سعيد بن جبير جي دوران سفر قاضي شريح سان ملاقات ٿي قاضي صاحب پڇيو ته ته حضرت ڪيڏانهن وڃي رهيا آھيو سعيد بن جبير جواب ڏنو ته ڪناستہ ڪوفي جو ھڪ ڳوٺ آهي اوڏانهن وڃي رهيو آهيان قاضي صاحب فرمايو اھو ته ھڪ ڳوٺ آهي اوڏانهن خير ۾ وڃي رهيا آھيو جواب ڏنائون ته ھا الله تعالي جي نشانين کي ڏسڻ يعني اُٺن کي ڏسڻ وڃي رهيو آهيان سبحان الله
اُٺ جو گوشت حلال ۽ طيب آھي ڏاچِي ءَ جو کير پڻ نھايت فائديمند آهي طبيبن جو چوڻ آهي ته ڏاچيءَ جو کير طاعون ڪاري ڪامڻ قوت مردانه ۾ فائدو ڏيندو آهي اُٺ جو پيشاب اگر نشي ۾ ڌت شخص کي پيارجي ته سندن نشو لھي ويندو اُٺ جا وار ساڙي رت وھڻ واري جاءِ تي لڳايو وڃي ته رت بيھي ويندو اُٺ جي اوجھري ڪٽي اگر مجازي عشق ۾ ڦاٿل شخص کي ٻڌي وڃي ته سندس عشق سائل ٿي ويندو ھي خيال طب ۽ رقيه يعني تعويذات جي ماھرن جو آهي امام ابن زھير لکيو آهي ته اگر اُٺ جي نظر سھيل نامي ستاري تي پوي ته ھو مري ويندو آهي اسان جي پياري نبي محمد مصطفٰي صلي الله عليه وسلم جن جي زير استعمال به ھڪ خاص ڏاچِي ھئي جنھن جو نالو حديث جي ڪتابن ۾ قصوہ لکيل آهي ھڪ حديث پاڪ جو مفهوم آهي ته قيامت واري ڏينهن  مٿان سوار ٿي ميدان محشر ۾ نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي پاڪ نياڻي حضرت فاطمه زهرا رضي الله عنها پل صراط يا محشر جي ميدان مان گذرندي ۽ تمام اڳين ۽ پوين کي نظرون جھڪائڻ جو حڪم ڏنو ويندو نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم ارشاد فرمايو اُٺ جي واڙي ۾نماز نه پڙھو ڇو ته اتي شيطان جو مسڪن يا بيٺڪ ھوندي آھي علم الروئيہ يعني خواب جي تعبير جي ماھرن لکيو آهي ته اگر ڪو شخص ھڪ اُٺ يا ھڪ کان وڌيڪ اُٺ يا ڌڻ کي خواب ڏسي يا عربي اُٺ يا اُٺ کي چاريندي يا مھار مان ڪاھيندي ڏسي ته اھڙي قسم جو خواب مبارڪ ھوندو آھي ان شخص کي سرداري علم مال دولت خير ۽ ڀلائي عقيدي جي پختگي ملڻ جو اشارو ھوندو آھي واللہ اعلم دلائل نبوت واري لکيو آهي ته ھڪ شخص حضرت سعد بن ابي وقاص جي سامهون صحابه ڪرام جي شان ۾گستاخي ڪئي حضرت کيس منع فرمايو ته بدبخت خبردار پنھنجي زبان کي لغام ڏي ورنه مان الله تعالي جي بارگاھ ۾تنھنجي لاءِ بددعا ڪندس ان بيباڪ شخص وراڻيو ته مونکي توهان جي بددعا جي ڪا به پرواھ ناهي توهان جي بددعا منھنجو ڪجھ نه ٿي بگاڙي سگھي ان تي صحابي رسول جلال ۾ اچي ويا ان گستاخ جي باري ۾الله تعالي کان دعا گھري ته يالله ھن صحابه ڪرام جي گستاخ کي اڄئي پنھنجي انجام تائين پهچاءِ محمد مصطفٰي صلي الله عليه وسلم جي صحابيءَ جي دعا قبول ٿي ڪجھ ئي دير ۾ ھن شخص جو گزر ھڪ جاءِ تان ٿيو اچانڪ ھڪ مست اُٺ نه ڄاڻ ته ڪٿان الله تعالي جو عذاب بڻجي سندس مٿان ڪڙڪيو ۽ ان گستاخ کي ڏندن سان چٻاڙي سندس ھڏا ڀڃي ڀوري ۽ قبر ڀيڙو ڪيائين گستاخ جو نالو صفحہ ھستيءَ تان خاڪ وانگر اُڏري ويو ھيِ منظر ڏسي شھر وارا ڏرڻ ۽ ڏڪڻ لڳا ۽ الله تعالي جي در توبه ڪرڻ لڳا الله تعالي شال ادب وارن مان بڻائي تمام مقدس ھستين جي انبياءِ ڪرام صحابه ڪرام اھلبيت اطھار ۽ اولياءِ ڪرام جِي گستاخي ۽ گستاخن جي صحبت کان پناھ عطا فرمائي آمين
اُٺ جي متعلق حديث جي ڪتابن ۾ڪيتريون ئي حديثون موجود آهن انشاء الله تعالي جلدي قرآن مجيد ۽ حديث پاڪ ۾ اُٺ جو ذڪر جي نالي سان پوسٽ ڪئي ويندي جزاڪ الله خيرا اگر ھيء تحرير توهان جي لاء معلومات ۾ اضافي جو سبب بڻي ھجي ته دوستن احبابن سان شيئر ضرور ڪجو مھرباني
                        طالب دعا سيد عامر قادري

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے